Ad 468 X 60

Wednesday, October 28, 2015

سنت نيڻورام ۽ آشرم بابت



اُھا ڀئون ڀلاري ٿيندي آھي جتي سنتن ۽ مھاتمائن جو جنم ٿيندو آھي ڇو جو اھي سنت مھاتما پنھنجي ڀڳتي، سادگي، يوگ ساڌنا ۽ گيان سان عام انسانن لاءِ ھڪ رستو ٺاھي ويندا آھن، سنتن جي اُنھن آدرشن تي ھلي گناھ گار انسان به موڪش جي مارڳ ڏانھن ھلي پوندو آھي.

سلام ڪوٽ جي شھر جنھن کي نيڻورام نگري به چيو ويندو آھي، جا رھواسي ضرور پوين جنمن ۾ ڪي پڃ ڪرم ڪيا ھوندا جو سندن جنم سنتن جي نگري ۾ ٿيو جتي سنت نيڻورام جنم ورتو ۽ ڀڳتي مارڳ وٺي پنھنجو آشرم وسايو. اُنھي سنت نيڻورام جي ڪرپا سان ھن ڌرتي جا رھواسي به سنت جي نقش قدم تي ھلندي سندس ئي آشرم ۾ ڀڳتي شيوا ۾ ڀاڳ وٺن ٿا ۽ پنھنجو جنم سڦلو ڪن ٿا.
سنت نيڻورام صاحب جن جو جنم پورڻماسي جي ڏينھن ڄيٺ جي مھيني ۾ وڪرمي سنبت 1955 برابر سنه 1898ع جون جي مھيني ۾ ٿيو. سنت جي پتا جو نالو شري مينگھو رام ۽ ماتا جو نالو شريمتي ميگھان ٻائي ھو، جيڪي لالاڻي پريوار سان تعلق رکندا ھُئا. سنت جو ننڍپڻ کان ئي لاڙو ڌرم ڏانھن وڌيڪ ھو، پاڻ ديا جا ساگر ھُئا جانورن ۽ پکين سان تمام گھڻو پيار ھوندو ھو، ايتري حد تائين جو ماڻھو گانء جو وڇڙو کير ڏُھڻ لاءِ الڳ رکندا ھُئا ته سائين ان وڇڙي يا گابي کي ان جي ماءُ سان ملائيندا ھُئا، جيڪڏھن مال اُڃيو ھوندو ھئو ته اواڙن جا در کولي ڇڏيندا ھُئا.
ڀڳت صاحب صرف پرائمري ڪلاس پھريون يا ٻيون تائين مس پڙھيل ھُئا پر کين شاھ ڀٽائي جا بيت، ڪبير ڀڳت جو ساکيون، سامي جا سُلوڪ ۽ بُلھي شاھ جا ڪلام برزبان ياد ھوندا ھُئا. مائٽن سائين کي دُڪان تي ويھاريو پر سندن من ڪڏھن به ڪاروبار ۾ ڪين لڳو، اڪثر ماڻھن ۽ غريبن کي گھٽ پئسن ۾ وکر ڏيئي ڇڏيندا ھُئا آخرڪار ھڪ ڏينھن ڌنڌو ڇڏي تيرٿ ياترا تي ھليا ويا ۽ پيرين پنڌ ڪيترا ئي تيرٿ ڪيائون. واپسي ۾ جڏھن راجسٿان جي ڪيڪڙ ڳوٺ پھتا ته اُتي گُرو ڪنيرام جي آشرم ۾ رھيا ۽ گُرو جو ستسنگ ٻُڌي ڏاڍا پرسن ٿيا ۽ دل سان ڪنيرام کي پنھنجو گرو ڪري مڃيائون. ڪافي عرصو اُتي رھيا پوءِ ڪجھ سال ٻاڙمير (راجسٿان ) ۾ به گُذاريا آخرڪار 1935ع ڌاري واپس سلام ڪوٽ پڌاريا ۽ پورڻ ڀارتي مڙھي کي پنھنجو آسٿان بنائي رھڻ لڳا جيڪو ھاڻ سنت نيڻورام آشرم سڏجي ٿو. 
سندن دور ۾ ڏڪار ۽ برساتون گھٽ پوڻ ڪري اڪثر مالوند ماڻھو سوکي جي ڏينھن ۾ مال ڪاھي سنڌ ۽ بيراج علائقي ڏانھن ويندا ھئا رستي ۾ مال ۽ پاڻ اُڃ ۽ بک ۾ پاھ ٿي ويندا ھئا. سنت ته ديا جا ساگر اڳي ئي ھئا سو پنھنجي آشرم ۾ مفت گگدامن کي پاڻي پيارڻ ۽ بُکين کي ماني کارائڻ جو سلسلو جاري ڪيو، اھڙي طرح پکين کي داڻا ڏيڻ جو به ڪاريه شروع ٿيو. سائين جا ڀنڊار ته ڀرپور ھئا پر سلام ڪوٽ جي ماڻھن جي ڀلي لاءِ انھن کي به انھي ڪمن ۾ ڀاڳ وٺڻ لاءِ راضي ڪيائون ۽ روز دان وٺڻ لاءِ بازاربه ويندا ھئا. انھن ڏينھن ۾ ئي آشرم ۾ روز ڪٿا ڪيرتن ستسنگ آرتيون به ٿينديون ھيون ۽ شيوا جا ڪاريه به ٿيندا ھئا جيڪي اڄ ڏينھن تائين جاري آھن ۽ سنت جي ڪرپا سان جاري رھندا.
سنت بڊي جي مھيني سنبت 2030 تي سرڳ لوڪ پڏاريا سندن ياد ۾ ھر سال بڊي جي مھيني ۾ سائين جي ورسي سنت نيڻورام آشرم اسلام ڪوٽ ۾ ملھائي وڃي ٿي ۽ ھر مھيني جي ٽيج اونداھي تي ستسنگ ڪيرتن ٿيندو آھي، ٽيج واري ڏينھن جتي جتي سائين جا پريمي موجود آھن اُتي اُتي پنھنجي وس آھر ستسنگ موج مچائيندا آھن.


هي تحرير ونڊيو   

  • Facebook
  • Twitter
  • Myspace
  • Google Buzz
  • Reddit
  • Stumnleupon
  • Delicious
  • Digg
  • Technorati
ليکڪ: رشيد سمون
رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو.. اڳتي پڙهو →

0 تبصرا:

توهان به تبصرو موڪليو:



جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ مٿئين تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔